اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم، نويد قمر پارلياماني ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر

اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم، نويد قمر پارلياماني ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ايڪٽ جي آرٽيڪل 57-1 ۽ 58 ۾ ترميم جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نويد قمر کي ڪنوينر چونڊيو ويو.اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، تاج حيدر، نويد قمر، صابر قائم خاني، محسن رانجها شرڪت ڪئي.اپوزيشن ميمبر پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.رابطا ڪميٽي ميمبرن جو چوڻ آهي ته علي ظفر شايد اجلاس ۾ نه اچڻ چاهي.جنهن بعد رابطا ڪميٽي نويد قمر کي ڪنوينر چونڊيو ويو،ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي خط لکي ڇڏيو آهي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آئين 57-1 ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخ جو اعلان نوٽيفڪيشن ذريعي ڪندي، اليڪشن ڪميشن تڪبندين کي نمائندن جي چونڊ لاءِ چوندي.ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته سيڪشن 58 ۾ ترميم جي تجويز آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ چونڊ پروگرام ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿي.قانون واري وزارت جي آفيسرن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پاران اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۽ 58 ۾ تجويز ڪيل ترميمون غور هيٺ آهن. اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل ترميمن کي صحيح قرار ڏيندي آئين پڙهيو، آئين پڙهڻ کانپوءِ ترميمن کي حتمي شڪل ڏني.سينيٽر تاج حيدر چيو ته صدر کي نظر انداز ڪرڻ بلڪل مناسب ناهي.نويد قمر چيو ته ترميمن کي غور سان پڙهڻ گهرجي ته جيئن آئين سان ٽڪراءَ ۾ ڪا به ڳالهه نه هجي، سمورا ميمبر تجويز ڪيل ترميمن جو غور سان جائزو وٺن.رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نويد قمر به چيو ته ڪميٽي جو اجلاس هاڻي 19 اپريل تي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو