اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان افغان طالبان جي ترجمان جي آپريشن غضب الحق جي عارضي معطلي جي خلاف ورزي جي دعويٰ کي کل جوڳي ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.اطلاعات واري وزارت موجب، پاڪستان طرفان جنگ بندي جي ڪا به خلاف ورزي نه ڪئي وئي آهي، ۽ افغان حڪومت جا دعويٰ بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.اطلاعات واري وزارت چيو ته پروپيگنڊا جو مقصد دهشتگرد ڪاررواين کي جائز قرار ڏيڻ آهي. پروپيگنڊا طالبان حڪومت اندر مخالفن پاران پڻ شروع ڪئي وڃي سگهي ٿي.اطلاعات واري وزارت موجب، پاڪستان واضح ڪيو آهي ته عارضي وقفو ڪنهن به ڪارروائي تي ختم ٿيندو ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۽ سرحد پار حملن جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو.










