افغان طالبان حراست ۾ ورتل 2 آمريڪي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو

افغان طالبان حراست ۾ ورتل 2 آمريڪي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغان طالبان يرغمال بڻيل 2 آمريڪي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو.نيوز ايجنسي موجب افغان طالبان خير سگالي جي جذبي تحت حراست ۾ ورتل ٻن آمريڪي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي آمريڪي حڪومت به تصديق ڪئي آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس طالبان طرفان آمريڪي شهرين جي آزادي جي آجيان ڪئي ۽ عورتن تي تعليمي پابندين جي مذمت ڪئي.طالبان پاران عورتن جي يونيورسٽين ۾ داخلا تي پابندي ۽ آمريڪي شهرين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ان ئي ڏينهن ٿيو.نيڊ پرائس جو چوڻ هو ته هو طالبان کي خير سگالي جو عمل سمجهن ٿا، پر ٻنهي طرفن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي قيدين جي مٽا سٽا يا تاوان جي بدلي ۾ آزاد ٿيڻ شامل ناهي.آمريڪي اخبار موجب طالبان جي جيل مان آزاد ٿيل ٻه آمريڪي اڱاري تي قطر پهچي ويا، پر انهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان نيڊ پرائس جو چوڻ هو ته قاعدن ۽ ضابطن تحت هو آزاد ٿيل آمريڪين جا وڌيڪ تفصيل جاري نٿا ڪري سگهن، پر هو کين مناسب مدد فراهم ڪري رهيا آهن ۽ هو جلد پنهنجن پيارن سان مليا ويندا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته واشنگٽن طالبان آڏو مسلسل اهو معاملو اٿاري رهيو آهي ته انهن آمريڪي شهرين کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪي اڃا تائين انهن جي حراست ۾ آهن، پر طالبان انهن جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ته انهن وٽ ڪيترا آمريڪي شهري قيد آهن. آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو