راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) فوجي ترجمان ٻڌايو آهي ته افغانستان سان لڳندڙ بارڊر جي علائقي ۾ مختلف آپريشنز ۾ 29 دهشتگرد ماريا ويا آهن. اربع تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته افغانستان مان دهشتگردن جي پاڪستان سيڪورٽي فورسز ۽ سويلين خلاف ڪارواين ۾ واڌ ٿي آهي. بيان موجب بلوچستان جي زوب ضلعي جي سمبازا واري علائقي ۾ گذريل هڪ مهيني کان آپريشن جاري آهي. هن آپريشن دوران ميجر بابر خان 14 مئي تي شهيد ٿيو هو.










