افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي ديرجو شڪار

افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي ديرجو شڪار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) افعانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ  جو معاملو رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو امڪان آهي.آمريڪي ميڊيا جوبائيڊن انتظاميا جي عهديدارن جي حوالي سان دعوا ڪندي ٻڌايو آهي ته جوبائيڊن انتظاميا اقتداري شرڪتداري بابت تجويز تي عمل لاءِ ڊيڊ لائن وڌائڻ چاهي ٿي.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته طالبان پاران به نئين ٽائيم لائن تي راضي ٿيڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته ٽرمپ انتظاميا طالبان سان معاهدي ۾ سموري آمريڪي فوج جي افغانستان مان نڪرڻ لاءِ پهرين مئي جي ڊيڊ لائن ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو