ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ اڄ منجهند ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي- پي- اين- اي) جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ سي پي اين اي جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل عامر محمود، سنڌ جي صدر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، اعجاز الحق، حامد حسين عابدي، قاضي اسد عابد، غلام نبي چانڊو، عارف بلوچ، محمد طاهر، سلمان قريشيم سيد مدثر، عبدالسلام، حميده کوڙو، محمد سراج، عمران ڪورائي، شبير محمد کاوڙ، رفيق احمد پيرزاده، مدثر عالم، سعيد خاور، نصرت مرزا، مقصود يوسفي، بلقيس ٻين عهديدارن ۽ ايڊيٽرز پڻ موجود هئا. ان موقعي تي سي پي اين اي جي عهديدارن اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ ۽ ان سان گڏ اچڻ وارن اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽرن ايڊمن ۽ اڪائونٽس يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر اشتهارات امتياز جويو ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي جو پر جوش استبقال ڪيو. ان موقعي تي منعقد ڪيل اجلاس ۾ اخبارن جي ايڊيٽرن سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري کي صوبي ۾ پرنٽ ميڊيا جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ اطلاعات ۽ اخبارن جي وچ جي رابطن کي مسلسل ۽ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ خبرن جي وقت تي پهچائڻ ۽ اشتهارن جي واجبات جي حوالي سان پنهنجون گذارشون پيش ڪيون.سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اخبارن ۽ ٻين ميڊيا سان باضابطه ۽ رابطي جا بنيادي مقصد ميڊيا جي مسئلن کي ٻڌڻ ۽ توهان جي مشوري سان ان جو حل ڪڍڻ به آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته مسئلن کي وقت تي ۽ توهان جي اطمينان جي مطابق حل ڪيو وڃي. اجلاس جي پڌاڻي تي سي پي اين اي پاران اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ کي شيلڊ ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.










