ٽنڊومستي (نادر علي اڄڻ) گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ڦوڙي چانڊيه ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جعفر خان چانڊيو مڙني بنيادي سھولتن کان محروم جنهن ۾ فرنيچر، استاد، اسڪول جي نئين بلڊنگ ۽ ٻين بنيادي سھولتن جي ضرورت خلاف اسڪولن جي شاگردياڻين شاگردن ۽ سماجي اڳواڻن غلام قادر چانڊيو، اسدالله چانڊيو اظهر علي چانڊيو، شاگردن حسن عزير، احمد علي حيدر، ماريه خاتون، شازيه نصرت خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اسڪول کي نئي عمارت جي ضرورت آهي نياڻن کي ٻاهر ويھاري تعليم ڏئي رھيا آھيون.

اسڪول ۾ ٻه ڪمرا آهن زبون حالي جي ڪري جيڪي استعمال ۾ نه آهن آھسته آھسته ڪرن پيا جنهن جي ڪري اسڪول جي شاگردياڻين ۾ خوف حراس پيدا ٿئي ٿو. ھنن چيو ته اسڪول جا باٿ روم ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ۽ نياڻين جي اسڪول کي چارديواري به نه آهي ان سميت اسڪولن اندر فرنيچر ۽ استادن جي پڻ سخت کوٽ آھي جنهن ڪري معصوم ڳلن جهڙن ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي. مظاهرين حد جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني، ايم پي اي راشد شاهه راشدي، ڊائريڪٽر اسڪولز سکر، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، ڊسٽرڪٽ آفيسر تعليم ۽ ٻين وس وارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته گورنمينٽ گرلس اسڪول ڦوڙي چانڊيه جا جائز مسئلا حل ڪرائي ڏنا وڃن ۽ ڳوٺ جعفر خان چانڊيو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺهرائي ڏني وڃي ته جيئن شاگردياڻين شاگردن ۽ والدين مان بيچني ختم ٿي سگهي.










