اسڪول جي بلڊنگ زبون حال، ٻارڙن جي زندگي داءُ تي لڳل

اسڪول جي بلڊنگ زبون حال، ٻارڙن جي زندگي داءُ تي لڳل

ڏهرڪي(قادر خان جٽ) شهر جي مک وارڊ 15 گلاب شاھ ڪالوني ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول جي ڪنهن به سار نه لڌي سار نه لاهڻ سبب اسڪول جي بلڊنگ زبون حالت ۾ اچڻ ڪري ڪرڻ جو خطرو وڌي ويو آهي ۽ ڇت جا چاپڙ به ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن.

اسڪول جي استادن ۽ شاگردن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسين تعليم کاتي جي آفيسرن درخواستون ڏنيون ۽ احتجاج پڻ ڪيا مگر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي اسڪول جي بلڊنگ جي حالت خطرناڪ بڻجي وئي آهي  ۽ ڪنهن وقت به وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. جڏهن ته نالين جو گندو پاڻي ڪمرن ۾ ڪهي آيو آهي جنهن ڪري روز ٻار بيمار ٿين ٿا ۽ پوري اسڪول ۾ بدبو ڦھلجي وئي آهي. هنن ڊي سي محمد خالد سليم ۽ اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته جلد کان جلد بلڊنگ جو مرمتي ڪم شروع ڪرايو وڃي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو سسٽم درست ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو