اسپيڪر سپريم ڪورٽ کي خط لکي ججن جي اجلاس جو رڪارڊ گهري

اسپيڪر سپريم ڪورٽ کي خط لکي ججن جي اجلاس جو رڪارڊ گهري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف تجويز ڏني آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر سپريم ڪورٽ کي خط لکي ججن جي اجلاس جو رڪارڊ گهري. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته سپريم ڪورٽ اسان جي اجلاس جي ڪارروائي جو رڪارڊ گهريو آهي، ڇا اسان کي سپريم ڪورٽ جي اجلاس جي ڪارروائي ملي سگهي ٿي ته ڪهڙي جج ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؟ هن تجويز ڏني ته اسپيڪر سپريم ڪورٽ کي خط لکي ججن جي اجلاس جو رڪارڊ گهري، اسان کي ڳالهين جو چوندڙ اڳ ۾ پنهنجي پنچائت لڳائي مسئلو حل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو