اسپين پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان

اسپين پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسپين فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ٿو ۽ اوڀر يروشلم کي راڄڌاني طور به تسليم ڪري ٿو. اهڙو اعلان اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سينچز قوم کي خطاب ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته اسپين هڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪريون ٿا جنهن ۾ غزه جي پٽي ۽ ويسٽ بئنڪ شامل آهن، فلسطيني نيشنل اٿارٽي تحت متحد ٿي اوڀر يروشلم کي ان جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويندو. رائٽرز مطابق، هڪ ٽيليويزن خطاب ۾، سينچز چيو ته اسپين 1967 کان پوءِ فلسطيني سرحدن ۾ ڪنهن به تبديلي کي تسليم نه ڪندو جيستائين سڀئي پارٽيون انهن تي متفق نه ٿيون ٿين. اسپين جي حڪومت باضابطه طور تي اڄ ان پاليسي جي منظوري ڏيندي. عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته آئرلينڊ ۽ نيدرلينڊ بعد اسپين جو هي اعلان اسرائيل جي حڪومت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. اسرائيل اهڙي فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته انهن ملڪ حماس کي اسرائيل تي حملي جو انعام ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو