اسٽيٽ بينڪ پاران 5 فيبروري تي  عام موڪل جو اعلان

اسٽيٽ بينڪ پاران 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائيءَ موجب مرڪزي بينڪ پاڪستان حڪومت جي اعلان موجب خميس 5 فيبروري تي ”يوم ڪشمير“ جي موقعي تي بند رهندي.واضح رهي ته وفاقي حڪومت 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو