ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رمضان جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪار جا ڪلاڪ محدود ڪرڻ سبب سومر تي ٻاڙائي جو شڪار رهيو ۽ شيئرز مارڪيٽ ۾ 1,200 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. بينچ مارڪ ڪي ايس اي-100 انڊيڪس 1,207.25 پوائنٽس يا 1.07 سيڪڙو گهٽجي 112,044.41 پوائنٽس تي بند ٿيو. عام ڏينهن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ صبح ساڍي نائين کان ساڍي ٽين وڳي تائين هلندو آهي ۽ رمضان ۾ سوا نائين کان ڏيڍ وڳي تائين هلي ٿو. اڄ ڪل ڪاروبار 18 ارب روپين جو ٿيو، جيڪو معمول کان اڌ تي گهت آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته وڏين ڪمپنين جن ڊويڊنڊ يا بونس ڏنو آهي، انهن شيئرز جي قيمت ڪٽ ٿي کلي ٿي جنهن سبب مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي ٿيندي آهي. هڪ اهم سبب اهو به آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان جائزي لاءِ پهتو آهي ۽ پاڪستان حڪومت اڪثر ٽارگيٽ حاصل نه ڪري سگهي آهي ان جو منفي تاثر به مارڪيٽ تي پيو آهي.










