ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزيءَ جو رجحان هفتي جي شروعاتي ڏينهن تي به جاري آهي۔
سومر تي ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي ۽ 100 انڊيڪس ۾ تيزي ڏٺي وئي۔
ڪاروبار جي شروعات ۾ انڊيڪس ۾ 1434 پوائنٽن جو اضافو ٿيو، جيڪو ٽريڊنگ دوران وڌي 1800 پوائنٽن تائين پهچي ويو۔
ڪاروبار دوران اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هڪ لک 91 هزار 600 جي سطح عبور ڪري ويو۔










