اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪري ورتو آهي، جلد انهي جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان منظوري ملڻ جو امڪان آهي جنهن کان پوءِ ٻئي قسط جاري ٿيندي.
ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي نمائندن سان ملاقات جي دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ عالمي مالياتي منڊين ۾ واپسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
هن ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪري ورتو آهي، جلد انهي جي ايگزيڪٽو بورڊ کان منظوري جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ ٻئي قسط جاري ٿيندي
ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان هن مهيني 1.4 ارب ڊالر جو يورو بانڊ ڪاميابي سان ادا ڪيو آهي، ناڻي واري وزير سعودي عرب جي 3 ارب ڊالر جي اضافي مالي مدد ۽ 5 ارب ڊالر جي ڊپازٽ مدي ۾ 2028 تائين واڌ جو به ذڪر ڪيو. اضافي مالي مدد ۽ ڊپازٽ جي مدي ۾ واڌ سان ٻاهرين مالي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
محمد اورنگزيب ملاقات ۾ پاڪستان جي وچ مدي جي مالي حڪمت عملي تي به روشني وڌي هن چيو ته پاڪستان جا بهتر ٿيندڙ معاشي اشارا ۽ اصلاحات جي رفتار ملڪ جي ريٽنگ ۾ بهتري جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندا آهن










