ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو مان ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي بريت خلاف حڪومتي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن ۾ عدالت فيصل موٽا، عبيد ڪي 2، فرحان مولا ۽ ٻين جي بريت خلاف حڪومتي اپيل رد ڪري ڇڏي.عدالت 13 جوابدارن جي سزائن ۾ واڌ جي رينجرز جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.پراسيڪيوشن موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي 13 ڪارڪنن کي مختلف سزائون ڏنيون، جڏهن ته ڌماڪيدار مادو ڪيس ۾ نادر شاهه سميت 14 جوابدارن کي بري ڪيو ويو.عدالت غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار فيصل موٽا کي 10 سال قيد ۽ فرحان شبير، عبيد ڪي 2 ۽ عابد کي 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي.غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ سزان ۾ واڌ ۽ بريت خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.










