اسلام آباد ۾ 120 ڏينهن اندر مقاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد ۾ 120 ڏينهن اندر مقاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ 120 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد جي مڪاني چونڊن بابت انٽرا ڪورٽ اپيلون اڪلائي ڇڏيون اسلام آباد ۾ مڪاني اليڪشن جي فيصلي جي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي گهرو وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس چيو ته هاڻي قانونسازي ٿي چڪي ڇا هاڻي 125 يونين ڪائونسلز تي قائم آهن حڪومت وڌيڪ يوسيز ٺاهڻ جوا ختيار وري پاڻ وٽ رکيو آهي منهنجو خيال آهي ته هاڻي 10 سال يونين ڪائونسلز وڌائڻ جي ضرورت نه آهي هڪ ڀيرو اليڪشن ڪرايو جنهن کي به اچڻو آهي اچي وڃي چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهان بيان ڏئي سگهو ٿا هن اليڪشن کان اڳ يوسيز نه وڌائيندا اوهان هي بيان نٿا ڏيو ته اسان پاڻ آرڊر ڪري ڇڏيون ٿا اسان فيصلي ۾ لکي ڇڏيون ٿا هن اليڪشن کان اڳ يو سيز نه وڌنديون ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن چيف جسٽس کي چيو ته اسلام آباد ۾ 120 ڏينهن ۾ مڪاني اليڪشن ڪرائي ڇڏينداسين ترميمي قانون تحت نيون تڪبنديون ڪري شيڊول ڏئي ڇڏينداسين ڏٺو وڃي ته هاڻي سپريم ڪورٽ مان هڪ هڪ اليڪشن جو فيصلو آيو آهي چيف جسٽس چيو ته اهو صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن جو معاملو آهي ان تي اليڪشن ڪميشن چيو ته قانون موجب اسان مڪاني چونڊن ۾ به وفاقي حڪومت سان صلاح مشوري جا پابند آهيون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ 120 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ جوحڪم ڏيندي اسلام آباد جي چونڊن بابت انٽرا ڪورٽ اپيلون اڪلائي ڇڏيون.

پهنجو تبصرو موڪليو