اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) راڄڌاني واري شهر جي ضلعي انتظاميه موٽر سائيڪلن تي به ايم ٽيگ لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي تحت شهري پنهنجي موٽر سائيڪل، ملڪيتي ڪاغذ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ سان ڪجهه منٽن ۾ ايم ٽيگ حاصل ڪري سگهن ٿا.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڊي سي اسلام پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سموري شهر ۾ قائم 13 مخصوص پوائنٽس تي موٽر سائيڪلن لاءِ ايم ٽيگ سروس فراهم ڪئي پئي وڃي. جتان کان شهري صرف 5 منٽن ۾ ٽيگ لڳرائي سگهن ٿا.انتظاميه واضح ڪيو آهي ته بنا ايم ٽيگ موٽر سائيڪل هلائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته انهي قدم جو مقصد شهر ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ ڏوهن جي روڪٿام ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. جڏهن ته شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪندي جلد کان جلد پنهنجي موٽر سائيڪلن تي ايم ٽيڪس لڳرائين.










