اسلام آباد (بيورو رپورٽ): هواياتي کاتي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ڪراچي ۽ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي هلڪي بوندابانديءَ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.ٻئي طرف گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر، نياٽ، لوشي ۽ بابوسر ۾ شديد برساتن بعد سيلاپي ريلن تباهي مچائي ڇڏي آهي. ٻوڏ جي ڪري گينيءَ وٽ شاهراهه قراقرم ٽرافڪ لاءِ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي. چترال جي متاثر علائقن بروز، گرم چشمہ ۽ شاشا ۾ ريسڪيو ۽ بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.










