اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ انتظاميا طرفان اڄ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي گارڊز يا ڪنهن به شخص جي هٿيار کڻي وڃڻ تي پابندي آهي، شهري جي-11 ۽ جي-10 ڏانهن غير ضروري حرڪت کان پاسو ڪن.اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شهري پنهنجا شناختي دستاويز پاڻ وٽ رکن ۽ چيڪنگ دوران پوليس سان تعاون ڪن.پنجاب حڪومت پاران راولپنڊي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڪيورٽي کي خطرو آهي، ريلي، ميڙاڪا ۽ ٻين گڏجاڻين جي اجازت نه ڏني ويندي. چار کان وڌيڪ ماڻهن تي مڪمل پابندي کي يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو