اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات، آباديون خالي ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات، آباديون خالي ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ طوفاني برسات جي نتيجي ۾ لئي نالي ۾ چاڙهه اچي ويو آهي جنهن کان پوءِ اختيارين چوڌاري آباديون خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.رپورٽ موجب راولپنڊي، ڪٽاريان جي هنڌ تي لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح 22 فٽ کان مٿي ٿي وئي آهي، جڏهن ته گوالمنڊي جي هنڌ تي لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح به خطرناڪ حد تائين پهچي رهي آهي، فلڊ ڪنٽرول روم طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. فلڊ ڪنٽرول روم موجب 20 فٽ تي ڪٽاريان مان لڏ پلاڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف راولپنڊي ۾ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن کان پوءِ انتظاميه فوجي دستا، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين ادارن کي طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته گوالمنڊي پل جي ڀرسان فلڊ سائرن وڄايا ويا آهن ۽ ويجهين آبادين کي به هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.لاڳيتو برسات جي نتيجي ۾ راولپنڊي ڪٽاريان جي هنڌ تي لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح 21 فٽ کان مٿي ٿيڻ تي فلڊ ڪنٽرول روم آبادين جي لڏ پلاڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. انتظاميه لئي نالي جي ڪنارن تي آباديون خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لئي نالي جي ڀرسان آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو. انتظاميه طرفان راولپنڊي ۾ 5 مختلف تعليمي ادارن ۾ فلڊ ريليف ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب جاڙن شهرن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن جي ڪري لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح لاڳيتو مٿي ٿي رهي آهي، ڪٽاريان جي هنڌ تي لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح 22 فٽ ٿي وئي اهڙي طرح گوالمنڊي ۾ به پاڻي جي سطح 19 فٽ تي پهچي وئي آهي.تازن انگن اکن موجب جاڙن شهرن ۾ برسات سبب لئي نالي ۾ خطرناڪ حد تائين چاڙهه اچي ويو آهي، موسميات کاتي موجب سيدپور ڳوٺ ۾ 38 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گولڙه ۾ 82 ملي ميٽر برسات پئي، اهڙي طرح بوکهڙا ۾ 71 ملي ميٽر، پي ايم ڊي ۾ 89 ملي ميٽر، شمس آباد ۾ 66، ڪچهري ۾ 34 ملي ميٽر برسات پئي آهي.ٻئي طرف راولپنڊي ڪينٽ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ رينج روڊ، شالي ويلي، جان ڪالوني، چڪ جلال دين ۽ ٻيا علائقا شامل آهن. ڪينٽ ۽ چڪلالا ڪينٽ جا علائقا برسات جي پاڻي سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. برساتي پاڻي نالن جي وقت تي صفائي نه ٿيڻ سبب گهرن ۾ داخل ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو