اسلام آباد: گهر مان پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ جا لاش هٿ، علائقي ۾ خوف

اسلام آباد: گهر مان پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ جا لاش هٿ، علائقي ۾ خوف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ هڪ گهر مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن. پوليس ذريعن موجب اهو واقعو آئي نائن ٿاڻي جي علائقي رمشا ڪالوني ۾ پيش آيو جتي هڪ گهر مان 3 ڄڻن جا لاش مليا آهن.پوليس ٻڌايو ته گهر مان ملندڙ لاش پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ جا آهن جن جي موت جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ٽنهي ڄڻن جي لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ئي خبر پئجي سگهندي ته فوتگيون زهر کائڻ سان ٿيون يا ڪو ٻيو سبب آهي.پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ اڪرام پال(والد) شبير(پٽ) ۽ نيها(ڌيءَ) جي نالن سان ٿي آهي. مقتولن جو تعلق ڪرسچن ڪميونٽي سان هو.پوليس ذريعن موجب ٽنهي ڄڻن جا لاش هڪ هفتو پراڻا آهن. لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فانزڪ ٽيم واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو