اسلام آباد سميت خيبر پختون خواهه ۾ زلزلي جا جهٽڪا

اسلام آباد سميت خيبر پختون خواهه ۾ زلزلي جا جهٽڪا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد سميت ملڪ جي مٿين علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. خيبرپختون خواهه ۾ پشاور سميت سوات، لوئر دير، شانگله، بونير، دير اپر ۽ لوئر دير ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. ان کان علاوهه چترال، ايبٽ آباد، مالاڪنڊ  کان سواءِ وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد، مري سميت آسپاس جي علائقن ۾ پڻ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو ۽ ڪلمه طيب پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. زلزلي جي شدت 4 ريڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جي گهرائي 96 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز افغانستان تاجڪستان جو سرحدي علائقو هيو. ابتدائي طور زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني و مالي نقصان جا اطلاع ناهن ملي سگهيا. واضح رهي ته خيبرپختون خواهه جي ان علائقن ۾ هڪ مهيني دوران اهو ڇهون ڀيرو زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪياويا.

پهنجو تبصرو موڪليو