اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ضلعي ججن کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي. ججن سان گڏ ڊيوٽي تي موجود هٿيار بندن کي به واپس ورتو ويو. ضلعي ۽ سيشن جج اسلام آباد ناصر جاويد سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو نوٽيس ورتو. سيشن جج اسلام آباد ڊي آءِ جي سيڪيورٽي کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو.ضلعي ججن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ لاءِ ڊي آءِ جي آپريشنز کي اڄ ذاتي طور تي طلب ڪيو ويو.ڊي آءِ جي آپريشنز کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ۽ سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي وضاحت ڪرڻ گهرجي.










