لاهور(ويب ڊيسڪ) ملتان سلطانز جي ڪپتان ايشن ٽرنر ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد جي ٽيم 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنز ٺاهي سگهي. ڊيون ڪانوي 26 ۽ سمي منهاس 28، انڊريس غوث 11 مارڪ چيپمين 40، شاداب 4، حيدر علي 13، عماد8، فهيم اشرف 26 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. سلمان مرزا 3 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. نوجوان اسپنر مومن قمر3، محمد وسيم2، محمد نواز، پيٽر سڊل ۽ عرفات منهاس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز18.4 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني. صاحبزاده فرحان2، اسٽيو سمٿ 31،جوش فلپي 55، شان مسعود6عرفات منهاس25، ڪپتان ايشٽن ٽرنر43 ناٽ آئوٽ رنس ٺاهيون. محمد نواز هڪ رن گهربل هئي ته هن چوڪو هڻي وننگ اسٽروڪ کيڏيو. ۽ 7 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.
مشهور خبرون










