ڪوئيٽا  يونائيٽيڊ کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا يونائيٽيڊ کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد يونائيٽيڊ20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهي سگهي. ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي ڪپتان سعود شڪيل ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو. پي ايس ايل جي هن ميچ ۾ شاداب نه پيو کيڏي، ڪپتاني آغا سلمان ڪئي. صاحبزاده فرحان 39، ڪائل ميئرز 22، محمد نواز 49، حيدر علي 10 ۽ جيسن هولڊر 14 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. فهيم اشرف 3 اوورن ۾ 4 وڪيٽون ورتيون. ڪائل جيميسن، ابرار، سعود شڪيل ۽ خرم شهزاد کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي. ٻنهي ٽيمن ست ست ميچز کيڏيو آهن پوائنٽ ٽيبل تي اسلام آباد 10 پوائنٽن سان ٽاپ تي آهي. ڪوئٽا 9 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو