اسلام آباد، ڇوڪري سان ٿيل زيادتي جو ڪيس داخل

اسلام آباد، ڇوڪري سان ٿيل زيادتي جو ڪيس داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ مارگلا پوليس اسٽيشن جي حد ۾ هڪ فليٽ ۾ ڇوڪري سان مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڇوڪري کي طبي علاج لاءِ پمز اسپتال موڪليو ويو.ايف آءِ آر جي متن موجب، سوشل ميڊيا تي نوڪري جو اشتهار ڏنو ويو ۽ پوءِ مون کي چالاڪيءَ سان فون ڪيو ويو.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ڇوڪرن مون سان زيادتي ڪئي ۽ تشدد ڪيو، واقعي کان پوءِ مون پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري پوليس کي فون ڪيو، جڏهن ته جوابدارن ڪمري جو دروازو ٽوڙي مون تي ٻيهر تشدد ڪيو،ايف آءِ آر ۾ ڇوڪري جي بيان جي متن موجب، جڏهن ملزم مون کي فليٽ مان ٻاهر ڪڍيو ته مون شور ڪيو، پوليس به موقعي تي پهچي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو