اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جا جهٽڪا اسلام آباد ۽ راولپنڊي، آزاد ڪشمير ۾ مري، سماهني ۽ ڀمبر، خيبرپختونخواهه ۾ پشاور ۽ باجوڙ ۾ به محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو، ۽ ان جي کوٽائي 234 ڪلوميٽر زمين اندر هئي. زلزلي جا جهٽڪا محسوس ٿيندي ئي انهن علائقن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو وڏي انگ ۾ ڪلمو طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي مان ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي فوري طور تي ڪا به رپورٽ ناهي ملي.










