ٽرمپ جي اپيل، ايران ۽ اسرائيل پاران حملا بند ڪرڻ جو اعلان، آمريڪا، ايراني ميزائيل ناهن روڪيا
USA President

ٽرمپ جي اپيل، ايران ۽ اسرائيل پاران حملا بند ڪرڻ جو اعلان، آمريڪا، ايراني ميزائيل ناهن روڪيا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) صدر ٽرمپ جي اپيل بعد ايران ۽ اسرائيل هڪٻئي تي حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سي اين اين آمريڪي اهلڪارن جي حوالي سان چيو آهي ته ايران جي اسرائيل تي ڪيل تازن حملن کي آمريڪا روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اڳ ۾ اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪيو هو ته آمريڪا ايراني ميزائيلن ۽ ڊرونز کي روڪيو آهي. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي ڪيل تازي پوسجي اپيل جي باوجود اسرائيل ايران تي جوابي حملو ڪري ڏنو.ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، تهران، تبريز ۽ اصفهان ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته ڪرج جي ويجهو به ڌماڪي جا اطلاع آهن. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته مغربي ۽ وسطي (وچين) ايران ۾ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي، هيءَ ڪارروائي ايران جي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي. ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته اسرائيل ايران تي حملن ۾ بيلسٽڪ ميزائيل استعمال ڪيا. واضح رهي ته آچر جي رات ايران لبنان جي گاديءَ واري هنڌ بيروت تي حملن جي جواب ۾ اسرائيل تي ميزائيل فائر ڪيا هئا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي جوابي حملن کان منع ڪيو هو ۽ چيو هو ته ايراني حملن سان ڪنهن کي نقصان ناهي پهتو، اميد آهي ته اسرائيل جوابي ڪارروائي نه ڪندو. اسرائيلي ميڊيا موجب، نيتن ياهو جڏهن آمريڪي صدر کي ايران تي حملو ڪرڻ جي پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪيو ته ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن حملو ڪيو ويو ته آمريڪا ان ۾ حصو نه وٺندو.

ايران اسرائيل خلاف حملا روڪي ڇڏيا، لبنان بابت چتاءُ

ايران چيو آهي ته هن اسرائيل خلاف فوجي ڪارروايون عارضي طور تي روڪي ڇڏيون آهن، پر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حملا جاري رهيا ته هو ٻيهر ڪارروايون شروع ڪندو، خاص طور تي ڏکڻ لبنان ۾، جتي اسرائيل جون فوجي ڪارروايون جاري آهن۔ ايران جي فوج، جيڪا تسنيم نيوز ايجنسي موجب بيان جاري ڪيو، چيو ته: “اسلامي جمهوريه ايران جي طاقتور هٿياربند فوجن، لبنان جي مظلوم عوام جي حمايت ۾ هن حڪومت (اسرائيل) کي دردناڪ جواب ڏنو آهي.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته: “جيڪڏهن جارحيت ۽ دشمني واريون ڪارروايون جاري رهيون، جن ۾ ڏکڻ لبنان به شامل آهي، ته اڳ کان به وڌيڪ سخت ۽ تباهه ڪندڙ قدم کنيا ويندا.” اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس حڪومت جي وزيرن کي موڪليل پيغام ۾ چيو ته اسرائيل “تهران جي حڪومت طرفان نئين صورتحال ٺاهڻ جي ڪوشش کي قبول نه ڪندو”، جنهن تحت بيروت ۾ حزب الله جي مضبوط علائقي تي حملن جي جواب ۾ ايران طرفان اسرائيل جي آبادي وارن علائقن تي حملا ڪيا وڃن، هڪ اسرائيلي عهديدار سي اين اين کي ٻڌايو۔ پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو: “اسان سڄي لبنان ۾ آپريشن جاري رکنداسين، جيئن ضروري هوندو، ته جيئن حزب الله جي دهشتگرد خطري کي اسان جي شهرين کان ختم ڪري سگهجي۔”

اسرائيل تي حملي بابت آمريڪا کي اطلاع ڏنو ويو هو، بقائي

ايران سومر ڏينهن چيو آهي ته ملڪ تي اسرائيل پاران ڪيل تازين حملن جي لهر “مڪمل طور تي” آمريڪي فوجن سان هم آهنگ ۽ گڏيل رٿابندي تحت ڪئي وئي هئي۔ تهران جو اهو بيان ان کانپوءِ سامهون آيو آهي جڏهن 8 اپريل تي وچ اوڀر جي جنگ بابت ٿيل نازڪ جنگبندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل ۽ ايران پهريون ڀيرو هڪ ٻئي تي حملا ڪيا، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي۔ هن ڇڪتاڻ، جنهن ۾ علائقي جا ٻيا ملڪ به شامل ٿي ويا، دوران اسرائيل ايران تي حملا ڪيا، جڏهن ته ايران بيروت جي ڏاکڻين علائقن تي ٿيل هوائي حملي جي بدلي ۾ اسرائيل کي نشانو بڻايو هو۔ هن وقت تائين نه اسرائيل ۽ نه ئي ايران ۾ ڪنهن جاني نقصان جي رپورٽ سامهون آئي آهي۔ پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سرڪاري خبر ايجنسي IRNA موجب هڪ پريس بريفنگ دوران چيو، “صهيوني حڪومت جي ڪيل ڪاررواين بابت آمريڪا جي سڌي ذميواري واضح آهي، ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ جا نتيجا به آمريڪا کي ڀوڳڻا پوندا۔” بقائي وڌيڪ چيو، “ڪو به اهو نٿو مڃي ته صهيوني حڪومت آمريڪا سان اڳواٽ هم آهنگي ۽ سهڪار کان سواءِ ڪا به ڪارروائي ڪري سگهي ٿي۔” هن وڌيڪ چيو، “هن مڙهيل جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل سفارتي عمل جو متاثر ٿيڻ بلڪل فطري ڳالهه آهي۔”

يمن مان اسرائيل ڏانهن ميزائيل فائر ڪيا ويا آهن: اسرائيلي فوج

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته يمن مان اسرائيل ڏانهن ميزائيل فائر ڪيا ويا آهن.اسرائيلي فوج چيو آهي ته فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) ميزائيل حملن کي ناڪام بڻائي رهيو آهي.ان کان اڳ ايراني حملن جي جواب ۾ اسرائيل ايران ۾ بيلسٽڪ ميزائيلن سان حملا ڪيا، جنهن کانپوءِ تهران، تبريز ۽ اصفهان ۾ دھماڪن جا آواز ٻڌا ويا

نيتن ياهو وٽ ايران سان معاهدو قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: آمريڪي صدر

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانوي اخبار ‘فنانشل ٽائمز’ کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته نيتن ياهو وٽ ايران سان معاهدو قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو (رستو) نه هوندو. آمريڪي صدر چيو ته ايران جي حملن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين (مذاڪرات) کي مڪمل ڪرڻ جي خواهش کي تبديل ناهي ڪيو. برطانوي اخبار جي صحافي صدر ٽرمپ کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن معاهدو ناڪام ٿيو ته ڇا ٿيندو؟ جنهن تي ٽرمپ جواب ڏيندي چيو ته ايران تي ڪمانڊو آپريشن تي غور ڪنداسين.

اسرائيل تي تازا حملا لبنان ۾ ڪارروائين جي جواب ۾ ڪيا ويا: ايراني پرڏيهي وزارت

ايران پاران اسرائيل تي جوابي ميزائيل حملي کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته هي حملا جنگ بندي جي ڀڃڪڙين (خلاف ورزين) کانپوءِ ڪيا ويا.ايراني پرڏيهي وزارت بيان جاري ڪندي چيو آهي ته لبنان ۾ جنگ بندي اپريل جي معاهدي جو لازمي حصو هئي، اسرائيل جي لبنان ۾ ڪارروائين جي جواب ۾ هي قدم کنيا ويا.ايراني پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته ايران يا لبنان خلاف ڪنهن به ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

ايران حملو ڪري سخت غلطي ڪئي، حزب الله تي حملا جاري رکنداسين: اسرائيلي فوج جو ترجمان

اسرائيلي فوج جي ترجمان ايران پاران ڪيل تازي حملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايران اسرائيل تي حملو ڪري هڪ سخت (سنگين) غلطي ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو ته اسرائيلي فوج جو چيف آف اسٽاف حملن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت جي منصوبن جي منظوري ڏئي رهيو آهي. اسرائيلي فوج سڄي لبنان ۾ ڪارروائيون جاري رکندي. نهن کانپوءِ اسرائيلي آرمي چيف چيو ته حڪم ملندي ئي دشمن تي ڀرپور حملو ڪنداسين.

حملي جو خطرو: ايران جي اولهندي حصي جي فضائي حدود اڻڄاتل مدت تائين بند

ايران پاران اسرائيل تي جوابي حملي کانپوءِ ايران جي اولهندي (مغربي) حصي جي فضائي حدود اڻڄاتل مدت (غير معينه مدت) تائين بند ڪئي وئي آهي. عراقي سول ايوي ايشن جي اختيارين موجب، فضائي حدود عارضي طور تي بند ڪئي وئي آهي. شام به پنهنجي ڏاکڻي (جنوبي) فضائي حدود کي 12 ڪلاڪن لاءِ عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ دمشق ايئرپورٽ تي آپريشن معطل ڪيو ويو آهي.

ايران کي مشورو ڏيندس، توهان پنهنجا ميزائيل فائر ڪري ڇڏيا بس ايترو ڪافي آهي: آمريڪي صدر ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران پاران اسرائيل تي جوابي حملي کانپوءِ ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايران کي مشورو ڏيندس، توهان پنهنجا ميزائيل فائر ڪري ڇڏيا، بس ايترو ڪافي آهي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافي بارڪ راوڊ سان ڳالهائيندي چيو ته ايران ميز (ڳالهين واري ميز) تي واپس اچي ۽ معاهدو ڪري، آمريڪي فوج الرٽ آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسرائيل پاران بيروت تي اڄوڪي حملي تي خوش ناهيان، مان هتي ئي نيتن ياهو کي فون ڪرڻ وڃي رهيو آهيان، اسرائيلي وزيراعظم کي چوندس ته جوابي حملو نه ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو