نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسرائيل اولهه ڪناري ۾ غير قانوني ڪارروائي ڪري رهيو آهي.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پائيدار امن لاءِ باهمي اعتماد تي ٻڌل سفارتڪاري ضروري آهي، غزه جي تعمير نو، انساني امداد وقت جي ضرورت آهي.هن چيو ته جنگ بندي برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، پاڪستان صدر ٽرمپ جي امن منصوبي جي حمايت ڪندو، فلسطيني اختيارين جو مرڪزي ڪردار هر حالت ۾ ناگزير آهي، جنگ بندي جاري رکڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته اسرائيل مسلسل جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، 8 عرب اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اسرائيل جي مذمت ڪئي، ۽ اسرائيلي جارحيت بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي آهي.










