ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گذريل ڪجهه ڏينهن کان آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ ۽ پاڪستاني رپيو مٿانهين رجحان تي آهي.اڄ به آمريڪي ڊالر سستو ٿي چڪو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 رپيا 2 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ 234 رپيا 23 پئسا ٿي ويو آهي.گذريل 3 سيشنن ۾ ڊالر جي قدر ۾ 5 رپيا 71 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان
ٻئي طرف رپئي جي قدر ۾ استحڪام سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 330 پوائنٽس وڌي 41481 تي پهچي ويو.










