اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مشهور بينڪر محمد اورنگزيب کي ناڻي وارو وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ن ليگ اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار ناڻي واري وزير جي دوري مان ٻاهر ٿي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته محمد اورنگزيب نئون ناڻي وارو وزير هوندو.ذريعن موجب گذريل ڏينهن وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ شهباز شريف سان ٿيل ملاقات ۾ محمد اورنگزيب به موجود هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد اورنگزيب مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سان به ملاقات ڪئي آهي، شهباز شريف ڪابينا جي حوالي سان نواز شريف سان ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزير لاءِ محمد اورنگزيب جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزارت کان علاوه هڪ ٻي اهم وزارت ڏيڻ جو به امڪان آهي.










