ٺاروشاهه (اسد شاھ بخاري) ڊي آء جي نواب شاهه مظهر نواز شيخ ايس ايڇ او ٺاروشاهه علي اڪبر کوکر ۽ ٽن پوليس اهلڪارن منظور لاکير ممتاز موريو ۽ راشد خانزادو کي ڳوٺ گمبو ڪلهوڙو جي استاد کان رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ استاد جي ڀائيٽي کي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ سندس آزادي لاء ساڍا چار لک روپيا رشوت طلب ڪئي وئي. جڏهن ته انڪوائري ۾ ايس ايڇ او تي رشوت ثابت ٿي ويئي جنهن تي ڊي آءِ جي ڪاروائي ڪئي جڏهن ته ڊي آء جي جي اهڙي ڪاروائي تي عوام خوشي جو اظهار ڪيو آهي.










