عبدالفتاح عباسي
سنڌ جي استادن جي لاءِ مسلسل جدوجهد، محنت، جاکوڙ ۽ ڪوششين ۾ نمايان ۽ صف اول طور جنهن امر شخصيت جو نالو رهيو آهي انهيءَ کي سنڌ جا سمورا سوا لک کان وڌيڪ استاد پنهنجو هر دلعزيز محبتي محبوب ليڊر اڳواڻ حاجي شفيع محمد خان سٺيو جي نالي سان سڃاڻي ٿي، هيءُ محبوب استاد اڳواڻ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، هن جي عظيم شخصيت جي وجود ۾ سنڌ جي محبتي خمير جو لازوال مثال قائم آهي، هيءُ پاڻ بذات خود هڪ اهڙو انمول ۽ بي مثال استاد آهي، جنهن جي شخصيت جا مختلف پهلو آهن، هن امر ڪردار سان جڏهن به ملاقات ٿيندي رهي آهي ته هن هميشه پنهنجي استاد برادريءَ جي ترقي خوشحالي، شاندار زندگي گذارڻ جا مثال ڏيندي، پاڻ نه صرف ڳالهه ڪئي آهي پر پاڻ خود انهيءَ لاءِ عملي طور تي اڳيان اڳيان پهرين صف ۾ استادن جي معاشي بهتريءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ کي جدوجهد ذريعي پيش ڪندي احتجاجي مظاهرن، بک هڙتالن، احتجاجي ڌرڻن ۽ پيادل لانگ مارچ ۾ اڳين صف ۾ مثال قائم ڪندي دنيا وارن کي ڏيکاريو آهي ته استاد صرف ڳالهه ناهن ڪندا بلڪ اهي عملي طور تي پاڻ کي پيش ڪندي سوين هزارين ميل ڪلوميٽر پيادل پنڌ ڪري پيرن ۾ لڦون اچڻ باوجود پير پوئتي بلڪ اڳ کان اڳرا بڻجي مثال قائم ڪندي وڌي ڏيکاريو آهي، سنڌ جي سر موڙ محبوب استاد ليڊر اڳواڻ حاجي شفيع محمد خان سٺيو پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيو، انهيءَ استاد ڪاز تي ڪڏهن به سودو نه ڪيو، هو هميشه ميدان عمل ۾ رهندي جدوجهد جاکوڙ ذريعي استادن جا مسئلا حل ڪرايا آهن ۽ پوري سنڌ جي هزارين پرائمري استادن کي 16 اسڪيل جو تحفو هن مانجهي مڙس جو آهي، هن سان تازو جڏهن سنڌ جي پياري محبتي دوست سائين غلام الله سانگيءَ جي چاچي جي وفات تي تعزيت دوران ملاقات ٿي ته اسان جي سائين استادن جي محبوب ليڊر سرواڻ حاجي شفيع محمد خان سٺيو چيو ته منهنجي خواهش آهي ته منهنجي سنڌ جا پرائمري استاد 17 هون گريڊ حصل ڪن انهي لاءِ پنهنجي جدوجهد جلد شروع ڪئي ويندي، جنهن لاءِ سنڌ جي آخري دنگ اوٻاوڙو ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين پيادل مارچ ڪندس، هن پهريان به استادن جي مجموعي مسئلن جي حل لاءِ ڀٽ شاهه کان ڪراچي ۽ ٻيو دفعو وري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو لاڙڪاڻو کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪري پوري دنيا آڏو هڪ پيادل مارچ جو مثال ڪري ڏيکاريو هيو، ڇاڪاڻ ته ايڏو وڏو پيادل پرين پنڌ مارچ ڪنهن به سرڪاري ملازم ته ملازم پر ڪنهن سياسي پارٽي تنظيم جي سربراهه قائد به نه ڪيو آهي، اڳ ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو صاحب، جسقم چيئرمين بشير خان قريشي ئي وڏا ڊگها مارچ سنڌ جي ٻرندڙ ايشوز تي ڪري ڏيکاريا باقي نه ته مڙيئي خير آهي، سياسي طور تي به جڏهن وڏا پيادل مارچ نه ڪيا ويا پر پنهنجي سنڌ جي استاد پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ مانجهي مڙس جوان استاد محبوب ليڊر سرواڻ حاجي شفيع محمد خان سٺيو بي مثال جدوجهد جي علامت بڻجي هڪ آواز ۽ هڪ قوت طور پوري سنڌ ۾ اڀري آيو ته ڪجهه حاسدي ماڻهو انهي جي مسلسل جدوجهد، ڪوششين ۽ محنت مٿان راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪندي رات جي انڌاهيءَ ۾ استاد ڪاز کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي حاسد قسم جا ماڻهو مڪمل طور تي ناڪام ۽ فيل ويا، اڄ استاد ڪاز جي بهترين محافظ حاجي شفيع محمد سٺيو صاحب جي قدرت طرفان طبيعت ڪجهه ناساز ٿي پئي آهي ته اسان سڀني جو فرض آهي ته انهي استاد برادريءَ جي بهترين محافظ ، استادن سالار، استادن جي رهنماءَ، استادن جي وک وک تي رهنمائي ڪندڙ ، بي خوف قيادت، سنڌ جي سچي سپاهي، نيڪ نيت، مخلص، بهادر، ارڏو، ڪرپٽ مافيائون کي مات ڏيندڙ عملي جدوجهد جو بي مثال ڪردار حاجي شفيع محمد سٺيو جي لاءِ اسان مان هرهڪ استاد، پورهيت، مزدور، هاري، ناري، والدين، شاگرد، شاگردياڻيون، دوست احباب سموري سنڌ جا سپاهي محبتي ڪردار ملي جلي هٿڙا مٿي کڻي ڌڻي در ٻاڏائيندي دعا گهرون ته “ يا الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب حضور عليه الصلوات والسلام ۽ سندن جي اهلبيت پاڪ، صحابه ڪرام، حسني حسيني شهزادي حضور غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني دستگير بادشاهه پير، ڪاملين، اولياءَ الله جي صدقي، مهابي، وسيلي، طفيل سان استاد برادريءَ جي محسن محبوب ليڊر اڳواڻ سائين حاجي شفيع محمد سٺيو کي ڪامل صحت، تندرستي، خير و عافيت واري زندگي عطا فرماءِ آمين. جيڪو استاد برادري لاءِ ميدان عمل ۾ نروار بيٺو آهي ۽ مجموعي استادن جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ بار بار حڪومت پاران استادن کي مسئلن ۾ جڪڙي نت نوان تجربا ڪندي نپوڙي ختم ڪرڻ جا سانڀاها ڪندي رهي ٿي اهڙي صورتحال ۾ لک شاباس آهي مڙس مانجھي مٿير حاجي شفيع محمد سٺيو کي جيڪو لوڀ لالچن کي ٿڏي سدائين مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ احتجاجي پيادل لانگ مارچ جو دڳ وٺندي عملي طور تي اڳتي وڌيو آهي جنهن ڪري ئي پرائمري استادن کي 16 گريڊ مليو پر وزير تعليم سردار شاهه جو توڙي سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري جو پڻ چوڻ آهي ته پرائمري استادن کي نه صرف 17 پر ٻين استادن جيان 18,19 ۽ 20 گريڊ ملڻ گهرجي پر عملي طور تي استادن جي حق لاءِ پ ٽ الف استاد اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو ميدان ملهائي رهيو آهي. جنهن سان پوري سنڌ جا هزارين استاد گڏ آهن.










