اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان هن وقت آئين ۽ ايٽمي طاقت جي ڪري قائم آهي.اسلام آباد ۾ باچاڪانفرنس سان خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر جو چوڻ هو ته نظرياتي ماڻهو سدائين جيئرا هوندا آهن، نظريو ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندو، باچاخان ۽ ولي خان جو نظريو اڄ به جيئرو آهي.هن چيو ته باچا خان جي نظرين ۽ مقصد کي ختم نٿو ڪري سگهجي، باچا خان سدائين آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي.هن چيو ته ذوالفقار علي ڀُٽو گڏيل ڪوششن سان آئين ٺاهيو هو، ولي خان جو ٽيهتر جي آئين ۾ تمام وڏو ڪردار هو.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي بنا معاشي استحڪام ممڪن ناهي.سندس چوڻ هو ته اسان اين ايف سي ايوارڊ ذريعي صوبن کي پيسا ڏنا. گوادر اين ايف سي ايوارڊ جي ميٽنگ گهرائي مسئلا حل ڪيا.يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ تي هاڻي وري نظرثاني ڪرڻ گهرجي، صوبي جي سڃاڻپ نه هئي ان کي خيبرپختونخواهه نالو ڏنو. ارڙهين ترميم تي سڀ گڏ ٿيا انکي منظور ڪيو ويو.هن چيو ته گوادر پاڪ چين اقتصادي راهداري جو حصو بڻيو ته بلوچستان کي حصو مليو. عورتن ۽ اقليتن جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون. ارڙهين ترميم وارو مسئلو اڳ ۾ حل ٿئي ها ته پاڪستان ٻه ٽڪرا نه ٿئي ها.پي پي سينيٽر جو چوڻ هو ته عمران خان چيو ته آصف زرداري سندس بندوق جي نشاني تي آهي اڄ وري چئي رهيو آهي ته هو آصف زرداري جي نشاني تي آهي.










