اسان کي اهڙو سماج بڻائڻو آهي جتي سڀني کي هڪجهڙا موقعا هجن

اسان کي اهڙو سماج بڻائڻو آهي جتي سڀني کي هڪجهڙا موقعا هجن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جتي هر ماڻهو پنهنجي قابليت کان وڌيڪ معياري تعليم حاصل ڪري سگهي. هن اها ڳالهه صوبي ۾ ڪم ڪندڙ گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر کي 23 ٽويوٽا وين گاڏيون ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. پروگرام آرٽس ڪائونسل ڀرسان بوائز اسڪائوٽ گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اڄوڪو اسان جو قدم سنڌ ۾ معذور ماڻهن جي شموليت ۽ سندن خدمت ڪرڻ بابت اسان جي عزم جو مظهر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان هتي هن تقريب ۾ گڏ ٿيا آهيون 23 ٽويوٽا هاءِ ايس وينز(گاڏيون) سڄي صوبي ۾ سرڪاري اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي مرڪزن کي حوالي ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز ويد ڊئبلٽيز (DEPD) جي تحت ڪم ڪري رهيا آهن. جسٽس باقر چيو ته هي وين (گاڏيون) رڳو گاڏيون نه پر اميد جي علامت پڻ آهن. هن چيو ته اڄوڪو قدم اسان جي مسلسل خدمت جي نمائندگي ڪن ٿا ته مختلف معذور شاگردن کي پڪ اپ ۽ ڊراپ آف جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ اسان عوامي خدمتون مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي چڪا آهيون. نگران وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ٿي ڪري جتي هر ماڻهو بنا ڪنهن متڀيد معياري تعليم حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته معذورن کي بااختيار بڻائڻ سنڌ حڪومت جو مسلسل اهم ترجيح رهيو آهي ۽ اهي گاڏيون ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون ته ضرورتمند شاگردن کي ڪنهن به رڪاوٽ کانسواءِ اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي مرڪزن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. ۽ هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪري هو ان خال کي ڀريندي تعليم کي صوبي جي هر شهري تائين پهچائڻ چاهين ٿا. وڏي وزير سنڌ ۾ هڪ جامع سماج جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ معذور ماڻهن جي بااختيارگي واري کاتي (DEPD) جي محنت کي ساراهيو. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ هن چيو ته اچو ته گڏجي هڪ اهڙي سماج جي تعمير لاءِ ڪم ڪندا رهون جتي هر ڪنهن کي سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي عظيم ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو