سڀني کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

سڀني کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ اسان کي بلوچستان جي شهرين سان گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بلوچستان ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ بلوچستان کي بيشمار قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. بدقسمتي سان، بلوچستان جي دولت اڃا تائين زمين هيٺ دفن آهي. بلوچستان جي تاريخ، ثقافت ۽ روايتون ان کي منفرد بڻائين ٿيون،هن چيو ته بلوچ اڳواڻن رضاڪارانه طور تي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو هو. بلوچستان جا ماڻهو هميشه کليل دل ۽ مهمان نواز رهيا آهن. بلوچستان ۾ مختلف برادرين جي وچ ۾ پائيدار هم آهنگي رهي آهي، هن چيو ته بلوچستان جي جاگرافيائي جوڙجڪ ترقي جي سفر ۾ هڪ چئلينج بڻجي چڪي آهي. صوبي ۾ ڏورانهن آبادي کي بجلي ۽ رستن جي فراهمي هڪ وڏو مسئلو آهي، جڏهن ته تعليم ۽ صنعت جي ترقي مضبوط روڊ نيٽ ورڪ کانسواءِ ممڪن ناهي،وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي ملڪ جي مجموعي خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. گذريل ڏهاڪن ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ خود احتسابي جو لمحو آهي، جڏهن ته وفاق جي روح باهمي قرباني ۽ ڀائيچاري ۾ آهي. پنجاب 2010 ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تاريخي قرباني ڏني،هن چيو ته اسين پهريان پاڪستاني آهيون ۽ پوءِ صوبن جا رهواسي آهيون. اسان کي واعدو ڪرڻو پوندو ته اسين گڏجي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، جڏهن ته بلوچستان جا ماڻهو اسان جا ڀائر آهن ۽ قومي ترقي جي سفر ۾ حصو وٺڻ گهرجي،هن چيو ته 2018 ۾ ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويو، پر هاڻي بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردي ٻيهر سر کڻي رهي آهي. فورسز هر روز امن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو