اسان جو مقصد سال جي آخر تائين ايف آءِ اي کي جديد بڻائڻ آهي

اسان جو مقصد سال جي آخر تائين ايف آءِ اي کي جديد بڻائڻ آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان جو مقصد ايف آءِ اي کي جديد خطن تي ترقي ڏيڻ آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، گهرو وزير ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر ۽ ايف آءِ اي اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو.گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪئي ته جاري تعميراتي سرگرمين کي جلد کان جلد اعليٰ معيار مطابق مڪمل ڪيو وڃي.ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور اپ گريڊيشن منصوبي تي گهرو وزير کي بريفنگ ڏني.گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايف آءِ اي کي وڌيڪ اثرائتو، فعال ۽ عوام دوست ادارو بڻائڻ لاءِ سڌارن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.محسن نقوي چيو آهي ته اسان جو مقصد سال جي آخر تائين ايف آءِ اي کي جديد بڻائڻ آهي. اداري جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي ۽ افرادي قوت کي بهتر بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته نئين ڀرتين جي عمل ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو