ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪار حمزا علي عباسي جي ڀيڻ ۽ ترڪ اداڪار وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي.ترڪي جي مشهور ڊرامي ارطغرل غازي ۾ ترغت جو ڪردار ڪندڙ ترڪ اداڪار چنگيز جوشقون اداڪار حمزا علي عباسي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فضيلا عباسي جي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪري ورتو آهي.ڊاڪٽر فضيلا، چنگيز جوشقون سان معاهدي جي تصويرشيئر ڪئي. تصوير جي ڪيپشن ۾ هن لکيو اهي ته چنگيزجوشقون منهنجي اسڪن لائن ڪيئرجوبرانڊ ايمبيسڊرهوندو.ڊاڪٽرفضيلا جي ان پوسٽ بعد مداحن ۽ سندس ڀاڄائي نيمل خاور کيس مبارڪون ڏنيون آهن.










