ارشد شريف ڪيس، 5 ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست رد

ارشد شريف ڪيس، 5 ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ صحافي ارشد شريف جي قتل بابت سوموٽو ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ڪالهه ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سميت 5 ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل آف پاڪستان ٻن رپورٽن جو حوالو ڏنو. اسپيشل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم پاران عبوري جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي ۽ ٻي رپورٽ ۾ پرڏيهي وزارت پاران هن وقت تائين کنيل قدمن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران ارشد شريف جي ماءُ جي وڪيل شوڪت عزيز صديقي چيو ته ارشد شريف جي والده درخواست ڏني آهي ۽ 5 ماڻهن جا بيان وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي.ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان نه ته جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ نه ئي جاچ ادارن کي ڪا هدايت ڏئي سگهون ٿا، جي آءِ ٽي کي درخواست آهي ته ان تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.هن چيو ته عدالت رڳو سهولت فراهم ڪري رهي آهي، جاچ آفيسر ان کي ڏسندو.

پهنجو تبصرو موڪليو