ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مشهور موسيقار ۽ گلوڪار اذان سميع خان جو ڪمپوز ڪيل ڪلام ”تو هي ميرا“ گذريل ڏينهن رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ننڍڙي هاديه هاشمي، گلوڪاره حديقه ڪياني،گلوڪار علي طارق،فريد اياز ۽ ابو محمد آواز جو جادو جاڳايو آهي، معروف ليکڪ ايس ڪي خالش ڪلام جو لکندڙ ۽ شهباز ايلڪس موسيقي کي ترتيب ڏني آهي، اذان سميع جو چوڻ آهي ته تو هي ميرا ڪلام سان ايمان ۽ اميد جو پيغام سمايل آهي، سال 2021 جي شروعات ۾ هن ڪلام کي اميد جو گيت به چئي سگهجي ٿو، ڪلام جي وڊيو به رليز ڪئي وئي آهي، ڪلام جو ڊائريڪٽر شاهزيب حسين آهي، اذان سميع خان هن کان اڳ پري هٽ لو، سپر اسٽار ۽ پرواز آهي جنون جهڙين فلمن ۾ موسيقي ترتيب ڏني آهي، ڪلام تو هي ميرا کي سوشل اسٽريمنگ پليٽ فارم تي رليز ڪيو ويو آهي










