ڪراچي(رپورٽر) نالي واري ٽي وي ميزبان، پروڊيوسر ۽ اداڪار سلمان ثاقب شيخ عرف ماني پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر فردوس عاشق اعواڻ کي نهايت قيمتي مشورو ڏئي ڇڏيو.اداڪار ماني سندس زال حرا سان تازو آغا علي ۽ حنا الطاف جي ”دي ڪپل شو“ ۾ شريڪ ٿيا، جتي حرا ۽ ماني پنهنجي زندگي ۾ آيل مشڪلات ۽ پاڪستاني سياستدانن جي باري ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪئي.سياستدانن جي حوالي سان هن فردوس عاشق اعواڻ کي مشورو ڏيندي چيو ته مريم نواز جو ميڪ اپ آرٽسٽ ڪافي سٺو آهي تنهن ڪري فردوس عاشق اعواڻ کي گهرجي ته هوءَ مريم نواز واري ميڪ اپ آرٽسٽ کان پنهنجو ميڪ اپ ڪرائي.حرا ماني جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي مريم نواز جي خوبصورتي جي باري چيو ته اڄڪلهه هر عورت مريم کان سڙي ٿي، ان جو مڙس ٽي وي تي صرف مريم نواز کي ڏسندو رهي ٿو ته آخر هن چهري تي ڇا ڪرايو آهي.










