لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ادارن کان وڌيڪ فرد مقدس هجڻ واري اصول کي نٿا مڃون، ملڪي بقا جو سوال آهي، سياست ۾ مداخلت بند ڪري آئين تحت هلڻ گهرجي، آئيني حدن ۾ رهي ملڪ کي هلايو وڃي ته اسان ادارن سان گڏ هونداسين. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق سان ملاقات بعد گڏيل بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته پاڻ کي ملڪ جو مالڪ سمجهي ووٽ جو تقدس پائمال ڪيو ويندو ته اختلاف لازمي طور پيدا ٿيندا، قيامت جي علامت آهي جو مسلم ليگين کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، اُن حوالي سان احتياط نه ڇڏڻ گهرجي، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون ته 25 جولاءِ 2018ع تي ڌانڌلي ٿي هئي، ان لاءِ ڪو عزر قبل نه ڪنداسين، هن چيو ته توهين آميز رويو برداشت نه ڪنداسين، عدليه يا ڪنهن جج جي توهين يا پنهنجي توهين برداشت نه ڪبي. هن چيو ته هتي رسول پاڪ ۽ صحابين جي توهين ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن کي پرڏيهه موڪليو ٿو وڃي. هن چيو ته ادارا ايترا مقدس آهن ۽ انهن جا سربراهه اڻ کي انهن کان وڌيڪ مقدس سمجهن ٿا، تنقيد کان ڪو به بالاتر ناهي. هن چيو ته حڪومت ايتري مهانگائي ڪئي آهي جو عوام رڙيون ٿو ڪري. هن چيو ته هي پهرين حڪومت آهي جيڪا اپوزيشن کي چيڙائي رهي آهي. مولنا چيو ته اياز صادق جي ڳالهه جي ڀيٽ ۾ جن پلوامه جو ذڪر ڪيو ان مان اندازو هڻو ته هنن وٽ ڪيترا عقلمند ويٺا آهن. ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق چيو ته اڀينندن جي حوالي سان پنهنجي بيان تي وضاحت ڪري چڪو آهيان، پنهنجي بيان ۾ حڪومت تي تنقيد ڪئي هئي، سياسي ماڻهو آهيان ۽ ڪڏهن به غير ذميواراڻو بيان ناهي ڏنو، هن چيو ته حڪومت کي جيڪا لڙائي ڪرڻي آهي ڪري پر ان لڙائي ۾ فوج کي ملوث نه ڪريو. حڪومتي وزير منهنجي بيان سان کيڏي ڀارتي ميڊيا جي ايجنڊا کي هٿي ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته هو ڪنهن کي غدار قرار ڏي، اسين سڀ محب وطن آهيون، پاڪستان جي ڳالهه هوندي ته اسين متفق ٿينداسين، هندوستان کي اڳ جيان منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. اياز صادق چيو ته پي ڊي ايم جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 10 ڏينهن کان مولانا سان هي ملاقات طئي هئي. هن هڪ سولا تي چيو ته حڪومت سقوط ڪشمير سميت ڪيترن معاملن تي حڪومت سان اختلاف آهن. هن چيو ته منهنجي خلاف لاهور ۾ اڄ بينر لڳائي پاڪستان جي خدمت نه ڪئي وئي آهي پر ڀارتي موقف کي هٿي وٺرائي وئي آهي. هن چيو ته مان پارليماني سلامتي ڪميٽي جو سربراهه هئس مون وٽ وڏا راز آهن جيڪي فاش نه ڪندس، باقي هڪومت خلاف بيان آئنده به ڏيندس.










