اختر مينگل جي لاجز واري فليٽ تي پوليس چڙهائي؟

اختر مينگل جي لاجز واري فليٽ تي پوليس چڙهائي؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاق گادي وري پوليس پارليامينٽ لاجز ۾ واقع سردار اختر مينگل جي فليٽ تي پوليس پهچي وئي. جتي اختر مينگل ته موجود نه هو پر بي اين پي مينگل جو قائم مقام صدر ساجد ترين موجود هو. جنهن جو چوڻ آهي ته اسين هتي ان ڪري آيا آهيون ته جيئن اسانجي سينيٽرن تي آئيني ترميم ۾ ووٽنگ لاءِ دٻاءُ نه وڌو وڃي ۽ هو پنهنجي مرضي موجب ووٽ ڪري سگهن. ڪوئٽا مان اختر مينگل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسانجي ٻن سينيٽرن تي آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ رياستي مشينري دٻاءُ وجهي رهي آهي ۽ ڪيترن هفتن کان کين مختلف بهانن سن تنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد جي بلوچستان سان اهري رويي جي ڪري مون استعيفا ڏني. اسان وٽ هاڻي پنهنجي سينيٽرن جي استعيفا کانسواءِ ٻيو رستو ناهي بچو. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اسين ڇاپو ناهي هنيو پر ساجد ترين شڪايت ڪئي هئي ته ڪو سخص سندس پيڇو پيو ڪري، ان بابت معلومات وٺڻ آيا هئاسين.

پهنجو تبصرو موڪليو