اختر مينگل جي خالي ٿيل سيٽ تي ضمني چونڊ جو شيڊول جاري

اختر مينگل جي خالي ٿيل سيٽ تي ضمني چونڊ جو شيڊول جاري

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اين اي 256 خضدار جي ضمني چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اها سيٽ بي اين پي سربراهه اختر مينگل طرفان خالي ڪئي وئي هئي.اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب اين اي 256 خضدار جي چونڊ لاءِ پولنگ 5 اپريل تي ٿيندي، جڏهن ته اين اي 256 جي چونڊ لاءِ پبلڪ نوٽيس 18 فيبروري تي جاري ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ضمني چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 20 کان 24 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا، نامزد اميدوارن جي فهرست 25 فيبروري تي شايع ڪئي ويندي ۽ چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ 18 مارچ تي ٿيندي. نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر خضدار کي اين اي 256 جي ضمني چونڊ لاءِ ڊي آر او مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته اين اي 256 خضدار جي سيٽ سردار محمد اختر مينگل جي استعيفيٰ سبب خالي ٿي آهي. سردار اختر مينگل جو استعيفيٰ ٽي ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر منظور ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو