لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر احمد شهزاد ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ سلور ميڊل کٽڻ تي ايٿليٽ ارشد نديم کي 10 لک رپين جو چيڪ ڏنو. احمد شهزاد ارشد نديم کي پاڪستان لاءِ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ چيو ته ارشد نديم هي ميڊل کٽي نئين تاريخ رقم ڪئي. احمد شهزاد چيو ته ارشد نديم ايشين گيمز ۾ به پاڪستان لاءِ ميڊل کٽيندو. هن وڌيڪ چيو ته ايٿليٽ ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ به ميڊل پنهنجي سيني تي لڳندو.










