واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽائيٽينڪ جي سياحت لاءِ ماڻهن کي سمنڊ هيٺان کڻي وڃڻ دوران تباهه ٿيل اوشن گيٽ ڪمپني جي آبدوز ٽائيٽن جو ملبو هٿ ڪيو ويو.سمنڊ جي فرش تان هٿ آيل شين ۾ آبدوز جو اڳيون حصو به شامل آهي، جتان بدقسمت سياحن کي ٽائيٽينڪ جا باقيات ڏسڻا پوندا هئا.حادثي جي ڏهين ڏينهن تي ٽائيٽن جا باقيات ڪئناڊا پهچايا ويا، حادثي جي اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ باقيات جي جاچ ڪئي ويندي.ماهرن موجب ٽائيٽن حادثو 12 هزار 500 فوٽ هيٺ سمنڊ ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽائيٽن اندر ڌماڪو ٿيو.ٽائيٽن حادثي ۾ پاڪستاني واپاري شهزادي دائود ۽ سندس پٽ سميت 5 سياح فوت ٿي ويا. واضح رهي ته 1912ع ۾ تباهه ٿيل مسافر جهاز ٽائيٽينڪ جي ملبي کي ڏسڻ لاءِ آيل آبدوز ٽائيٽن 18 جون تي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ گم ٿي وئي هئي.










