آمريڪي ڊالر اڄ سستو،اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

آمريڪي ڊالر اڄ سستو،اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر اڄ ۽ ڪالهه سستو ٿي چڪو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 80 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 92 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 286 رپيا 50 پئسا تي برقرار آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت شروعات ٿي جيڪا منفي رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 46 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 39 هزار 833 تي اچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 39,879 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو