آمريڪي سفارتخاني جو وفد اڊيالا جيل پهچي ويو، 3 قيدين سان ملاقات

آمريڪي سفارتخاني جو وفد اڊيالا جيل پهچي ويو، 3 قيدين سان ملاقات

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سفارتخاني جي وفد اڊيالا جيل ۾ قيد 3 قيدين سان ملاقات ڪئي آهي. جيل ذريعن موجب آمريڪي سفارتخاني جي 3 رڪني وفد کي اڊيالا جيل ۾ قيد 3 جوابدارن تائين قونصلر پهچي ڏني وئي. آمريڪي سفارتخاني جي وفد پرڏيهي ايڪٽ جي تحت گرفتار قيدين سان ملاقات ڪئي. جيل ذريعن موجب آمريڪي سفارتخاني جي وفد کي جوابدارن سان ملاقات ايڊيشنل سپرنٽينڊنٽ جيل جي آفيس ۾ ڪرائي ويئي. آمريڪي سفارتخاني جي وفد هڪ ڪلاڪ تائين قيدين سان ملاقات ڪئي.جيل ذريعن موجب وفد کي آمريڪي شهرين عابد ملڪ، صديقه سعيد، ايلڪس پليڊو تگائين قونصلر پهچ ڏني وئي. آمريڪي سفارتخاني جي وفد ۾ عرفان جان، مائيڪ مرفي ۽ راحيل جاويد شامل هئا. جيل ذريعن موجب آمريڪي وفد ملاقات کان پوءِ اڊيالا جيل مان واپس روانو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو