اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي دفاعي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نئين اڳڀرائي سامھون آئي آهي ۽ ٻئي ملڪ امن معاهدي يا ڪنهن ڊيل جي تمام ويجهو پهچي چڪا آهن.امريڪي خبر ڏيندڙ اداري “بلومبرگ” کي ڏنل خاص انٽرويو دوران دفاعي وزير خواجه آصف چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معاهدي، ڊيل يا سمجهوتي جا امڪان تمام وڌي ويا آهن.خواجه آصف ٻڌايو ته گذريل ٻن کان ٽن ڏينهن دوران ملندڙ سفارتي اشارا ۽ ترقيون ظاهر ڪن ٿيون ته ٻئي حڪومتون امن معاهدي واري نقطي تي پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته علائقائي حالات ۽ سفارتڪاريءَ جا تبديل ٿيندڙ لاڙا هڪ ڀيرو ٻيهر امن ۽ ڳالهين جي حق ۾ جڙندي نظر اچي رهيا آهن.










