آمريڪا کي فوجي اڏا يا ايئربيس نه ڏنا آهن، ترجمان

آمريڪا کي فوجي اڏا يا ايئربيس نه ڏنا آهن، ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته آمريڪا کي ملڪ ۾ زميني فوجي اڏا يا ايئر بيس استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ان ڏس ۾ جيڪي به خبرون هلن پيون اهي بيبنياد ۽ غير ذميوارانه آهن. هن ٽوئيٽ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ 2001 ۾ زميني ۽ فضائي رستن بابت جيڪو معاهدو ڪيو ويو هو ان مطابق عمل ڪيو پيو وڃي. ياد ريه ته پينٽاگون جي دفاع بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري آمريڪي پارليمان جي ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو هو ته پاڪستان جو افغانستان ۾ امن لاءِ اهم ڪردار آهي ۽ هو آمريڪي فوج جي واپسي بعد آمريڪا سان تعاون ڪندو، زميني رستن ۽ فضائي حدن جي استعمال جي اجازت ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو